Wah Re Tara Gol Tara

From Encyclopedia of Sindhi
Revision as of 09:03, 27 April 2026 by DeepakKeswani (talk | contribs)
Jump to navigation Jump to search

واه ري تارا، گولُ تارا

روشَن تارا، چمڪي وارا

سانجهيءَ ٽاڻي نِڪِرو ٿا

اُڀَ سڄي ۾ پَکِڙو ٿا

چِلڪو چِمڪو ساري رات

ڪَجي اَونهان جي ڪَهِڙي باتِ

رات لنگهي ويئي، باقي ڇا

اوهين ٻُڌايو واٽ اِها

جوتِ اَوهانجيِ جي نَ هُجي

واٽَهڙوُ ڪَرِ واٽَ مُنجهي